ريڻي نئن

ريڻي نئن: هيءَ ندي عمرڪوٽ ضلعي جي قديم ندي هئي، جيڪا هاڪڙي جي اولهه کان سکر ضلعي جي ايراضيءَ مان سنڌو درياهه کان جدا ٿي خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن مان ٿيندي شادي پليءَ وٽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ داخل ٿيندي هئي. جنهن جي پيٽ جا نشان داسڙن جي دڙي جي اوڀر ۾ اڄ به نمايان آهن. جيڪا تعلقي ساماري مان وهندي وڃي هاڪڙي سان ملندي هئي. ريڻي گهڻو اڳ ڪڏهن ڪڏهن اوچتي وهي ايندي هئي ان ڪري آسپاس جي علائقن ۾ گهڻي تباهي ٿيندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو